SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وجودي فڪر


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

وجودي فڪر

(Existentialism)

20 صديءَ ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي، سماجي، فڪري ۽ نفسياتي مونجهارن وجودي فڪر جي لاڙي کي جنم ڏنو آهي. بنيادي طور تي وجوديت جو فلسفو انساني وجود ۾ سانڍيل وارتائن، رازن ۽ ڳجهن کي جاچڻ ۽ پرکڻ جو نالو آهي. ان فلسفي جو مقصد آهي ته ”جيئن ته انسان هڪ وجود رکي ٿو، ان ڪري هو پنهنجي وجود جي هئڻ کي ثابت ڪري ڏيکاري.“ وجوديت جي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ ديني وجوديت ٻيو لاديني وجوديت. وجوديت انسان جي پاڻ سڃاڻپ (Self – Realization) جو نالو آهي، جنهن ذريعي هو هن دنيا جي غلاميءَ کان ڪٽجي، پنهنجي آزاد هئڻ تي زور ڏئي، پنهنجي زندگيءَ جو، مرضيءَ سان پورو پورو استعمال ڪري ٿو. هو پنهنجن عمل جو پاڻ ذميوار آهي ۽ انهن عملن جي ذريعي ئي هو پنهنجي سڃاڻپ ۽ فطرت ظاهر ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن اهو سوچي ته ساڻس وڏو ڊوهه ٿيو آهي. جو کيس کنڀي هن دنيا ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي. وجوديت کي سمجهڻ لاءِ هيٺين وجودي وارتائن کي سمجهڻ ضروري آهي. ’ويڱاڻپ‘ (Alienation)، ’مايوسي‘ (Despair)، ’وجود جي بي معنائيت‘ (Being and absurdity)، ’بوريت‘ (Boredom)، ’ڪراهت/ڪرڀ‘ (Nausea)، ’احساس جرم‘ (Guilt)، ’موت جو تصور‘ (Concept of Death)، ’فرد ۽ ٻيا نظام‘ (Individual and Systems)، ’چونڊ جي آزادي‘ (Freedom of Choice) ۽ ’شخصي وجود جي حقيقت‘ (Reality of individual existence) وغيره.


Remember Me Also:

آهنر

ذ. آهنَرُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal